SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Transgovernmental Relations

(click word to listen sound
  • 🔊
  • transgovernmental
  • rileiʃənz
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Transgovernmental Relations

ٽرئنس گورنمينٽل رليشنز

ٻن ملڪن جا اداراتي سطح جا لاڳاپا

جڏهن به ڪي ٻه يا ٻن کان وڌيڪ بين الاقوامي ادارا ٻن ملڪن جي تعلقات واري سرڪاري فهرست ۾ شامل نه هجن، پوءِ به متحرڪ ڪردار ادا ڪن، ته سندن سرگرمين کي ”سرڪاري سهڪار کان مٿانهين“ (Transgovernmental) لاڳاپن طور سڃاتو وڃي ٿو. هن طريقي موجب، پرڏيهي پاليسيءَ جي رُخَ ۾ ٻن ملڪن ۾ ٿيندڙ ڏي- وٺ، سرڪاري طور يا حڪومتي سطح تي ناهي هوندي، پر پاليسيءَ جا جوڙيندڙ ٻيا ادارا اُن لاڳاپي جي ترتيب، رياستي مُفادن ۽ ملڪن جي آئيني قاعدن جي ترجيحن مطابق رکن ٿا. بين الاقوامي لاڳاپن ۽ معاملن ۾ هن قسم جي حڪمت عمليءَ جي وڏي اهميت اها آهي، ته ان تحت ٿيندڙ سرگرمين ۾ ڪو به سرڪاري ادارو يا ملڪ سنئون سڌو نه ڪردار ادا نه ڪندو آهي ۽ نه ئي وري مڪمل طور ذميوار هوندو آهي. روايتي سرڪاري لوازمات ۾ نه ڦاسڻ ڪري ٻن ڌُرين وچ ۾ جيڪي به معاهدا ٿين ٿا، تن تي تمام جلد عمل ۽ تحرڪ ٿئي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ ٻن مُلڪن وچ ۾ ٿيندڙ واپاري سرگرمين جوعمل خودبخود ايترو ته تيز هوندو آهي، جو انهن ملڪن جي وچ ۾ سڌوسنئون رابطو تمام ضروري ٿي پوندو آهي، ڇاڪاڻ جو ائين ڪرڻ سان ٿيندڙ واپار کي سرڪاري سرپرستي ملي ويندي آهي، جنهنڪري ڪامورا شاهيءَ جا حربا نه هلي سگهندا آهن


Remember Me Also:

حذرئون

ظرف. خيال سان ، سمجهه سان.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal